ڊاڪٽر ارجن شاد جي شاعري ۽ تحقيق: هڪ اڀياس
(Dr. Arjun shad`s Poetry and Research: A study)

ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
Abstract:

Dr. Arjun Gobindram Mirchandani was famously known by the pen name "Arjun Shad". He was the very first Sindhi research scholar of University of Mumbai. He was recipient of Doctorate on his dissertation “Sindhi Ghazal" from the University of Mumbai. In 1973, he was appointed as lecturer in University of Mumbai. Subsequently, he was appointed Head of Sindhi Department. Many students were awarded degree of MA, M.Phil. and Ph.D. under his scholarly guidance. He had a genius for metrical composition. He was a multifarious poet, imaginative thinker, drama writer, essayist and researcher. Around 1940 he was about 16 years of age when he forayed into the field of poetry. He had a bosom friend like Kavi Kishanchand Bevas, Hundraj Dukhayal, Prabhu wafa and Hari Dilgir. He inherited the poetic tradition from his association with Kavi Kishanchand Bevas. He achieved a rare distinction in the field of poetry. He dedicated precious moments of his life in the creation of his unique poetry. Dr. Arjun Shad was the chairman & member of many academic bodies/institutions. Member of Academic advisory boards and `Sindhi Advisory board` at the government level and was member of Film Censor Board. Before partition he penned a book with the title "Naon Daur" After partition he compiled four books on poetry and published a book on Criticism. This is how his life had progressed from a prolific poet to a gifted researcher.

ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌيت جو جذبو برقرار رکڻ لاءِ انيڪ سنڌي ساهتڪارن پنهنجي سموري زندگي ارپڻ ڪندي، سنڌي ٻولي ۽ سڀيتا جي ورثي کي هندستان ۾ نئين سِر سنڌي ساهت کي انڊلٺ جي مختلف رنگن سان سجائيندي، سنڌي ادب کي روشناس ڪيو آهي. جن ۾ ارجن شاد به نمايان مقام رکي ٿو.
غزل جي حوالي سان سنڌ جا تاريخي ورق اُٿلائجن ته سڀ کان اول پهريون ”ديوان خليفي گل هالائيءَ“ جو نالو اُڀري اچي ٿو. جڏهن ته ”مير عبدالحسين سانگي“ غزل جي حوالي سان اهم نالو آهي ۽ جديد سنڌي شاعريءَ جو غزل گو شاعر ’وفا‘ ناٿن شاهي، جنهن کي ”غزل مارشل“ جي خطاب سان پڻ نوازيو ويو آهي. هندستان جي سنڌي شاعرن تي نظر ڦيرائجي ته ترقي پسند شاعر ۽ غزل گو شاعرن جي سٿ ۾ ارجن حاسد، واسديو موهي، شريڪانت صدف، گوپ ڪمل ۽ هريش دُبي جهڙا اهم نالا آهن، جن سنڌي غزل ۾ ممتاز درجو ماڻيو آهي. ساڳئي ئي سٿ جو غزل گو، ترقي پسند شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، ترجمان، محقق ۽ نقاد ارجن ميرچنداڻي ’شاد‘ کي شاعريءَ جي کيتر ۾ اوچو مقام حاصل آهي.
ڊاڪٽر ارجن گوبندرام ميرچنداڻيءَ کي سنڌي ساهتيه جڳت ۾ ’ارجن شاد‘ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو ويندو آهي. ارجن شاد جو جنم 17 ڊسمبر 1924ع تي سنڌ جي شهر سکر ۾ ٿيو. هو پوءِ ڪجهه وقت لاڙڪاڻي ۾ رهيو. جڏهن هُو اڃا سورهن سالن جو مس هو ته هن شاعريءَ جي کيتر ۾ پنهنجا پهريان قدم رکيا. ڊاڪٽر شاد، ڳچ عرصو ڪشنچند ’بيوس‘ ۽ ٻين شاعرن هوندراج دکايل، هري دلگير ۽ پرڀو وفا جي سنگ ۾ رهيو، جنهن ڪري کيس ڪوي ڪشچند بيوس جي پرمپرا (سلسلي) جو شاعر سڏيو ويو. ورهاڱي کان پوء ممبئي شهر ۾ اچي رهيو. پهرين ڪجهه وقت خالصا ڪاليج ۽ پوء جئه هند ڪاليج جي سنڌي شعبي جو پروفيسر ٿي رهيو.
ارجن شاد ممبئيءَ جي سنڌي قوم جي اُها پهرين شخصيت آهي، جنهن ممبئي يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ 1973ع ۾ پي. ايڇ ڊي اول حاصل ڪندي، ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار جو عهدو ماڻيندي، سنڌي شعبي جي سربراهه جو پد به بخوبي نڀايو. سندس رهنمائيءَ هيٺ ڪيترن ئي شاگردن سنڌيءَ ۾ ايم. اي، ايم. فل جون ڊگريون حاصل ڪيون.
ڊاڪٽر ارجن شاد جي رهبريءَ ۾ ڊاڪٽر پريم پرڪاش ۽ ڊاڪٽر چندولعل جئسنگهاڻيءَ پڻ پي. ايڇ. ڊي ڪئي.
مُحقق طور ڊاڪٽر ارجن شاد: ڊاڪٽر ارجن شاد جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز جو عنوان ”سنڌي غزل“ تي آهي. سندس اهو تحقيقي مقالو ڪتابي صورت ۾ 1990 ۾ هري موٽواڻي ڇپايو. ڪتاب بابت مُحقق ارجن شاد سندس شڪرگذاري مڃيندي لکي ٿو.
”مان تهدل سان شڪرگذار آهيان پنهنجي دوست هري موٽواڻيءَ جو، جنهن اهڙو جوابداريءَ وارو ڇپائيءَ جو ڪم پاڻ تي هموار ڪيو. هو سٺو ساهتڪار پڻ ڳڻيو وڃي ٿو.“ (1)
محقق جي ٿيسز 136 صفحن ۾ قلم بند ٿيل آهي. ڪن ساهتڪارن کي صفحن جو انداز گهٽ لڳندو، جنهن مان هو ٻيا انُومان ڪڍي سگهن ٿا. پر آئون هت هڪ ڳالهه واضح ڪري ڇڏيان، ڇو جو گهڻو ڪري ٿيسز چار پنج سو صفحن جون ٿين ٿيون. پر ڇا اهو ضروري آهي صفحا ڀرپور هجن، پوءِ ڀلي اندر مواد ايترو بهترين ۽ تز نه هجي. ڪو به مُحقق چاهي ته گهٽ صفحن ۾ به تمام وڏي کوجنا ڪندي، تز نتيجا ڏئي سگهي ٿو ۽ بس ارجن شاد جي حالانڪ صفحن جو انداز تمام گهٽ آهي، پر پوءِ به هن ڪاميابيءَ سان ”سنڌي غزل“ جي عنوان ۽ مواد سان بهترين نموني نڀائيندي، صحيح ڍنگ سان تحقيق ڪندي تز ۽ اهم نتيجا پيش ڪيا آهن. اهن لاء مُحقق ڊاڪٽر ارجن شاد ٿيسز جي ٻن لفظن ۾ پنهنجي طرفان بهترين حوالو ڏنو آهي.
”کوجنا ڪندڙ نه تاريخ نويس آهي ۽ نه ئي ڪو تذڪره نگار، هن جو طريقو به هڪ قسم جي تخليقي معنيٰ رکي ٿو، ڇو جو کيس اڳ نه ڄاتل نتيجن تي پهچڻ جو ڪم سر انجام ڪرڻو پوي ٿو. انهن گُهرجن کي خيال ۾ رکي، مون غزل جي مخصوص هيئت مطابق، سنڌي غزل جي ارتقا ۽ خصوصيتن جي تحقيقي اوک ڊوک پيش ڪئي آهي ۽ خواهه مخواهه ٿيسز جي ٿولهه وڌائڻ لاءِ غير متعلق تفصيلن ۽ بيانن ڏيڻ کان ڪنارو ڪيو آهي. ڇو جو ٻيءَ حالت ۾ موضوع جي مطلب کي هروڀرو ڇيهو رسائڻو آهي، جنهن مان تحقيق جو ڪو مطلب سڌو نه ٿو ٿئي.“(2)
ڊاڪٽر ارجن شاد مقالي کي پنجن بابن ۾ ورهايو آهي:
1. فصل پهريون: ”سنڌي شاعري ۽ علم عروض“
2. فصل ٻيو: ”عروض جي ايجاد، بحر ۽ صنفون“
3. فصل ٽيون: ”غزل ۽ اُن جون وصفون“
4. فصل چوٿون: ”سنڌي غزل جي ابتدا ۽ ترقي- سچل سرمست
5. فصل پنجون: ” خليفو گل محمد گُل“

پهريون فصل: سنڌي شاعري ۽ علم عروض: مُحقق هن باب ۾ شاهه لطيف جي بيت جي مشابهت دوهي سان ڪندي، بيت ۽ دوهي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي، اهو ٻڌايو آهي ته شاهه جي دوهن تي بيت نالو ڪيئن پيو. دوهو ڇند وديا جي نيَمن (اصولن) موجب لکيو وڃي ٿو. جڏهن ته بيت لفط نه ئي عروضي آهي ۽ نه ئي وري ڪو ڇندوديا جو شبد آهي. سنڌي دوهن کي بيت ڪيئن سڏيو ويو.
تنهن لاءِ ڊاڪٽر ارجن شاد تاريخي ورق پلٽيندي، ڪجهه عالمن جا حوالا پيش ڪندي، گهرائيءَ سان تحقيق ڪندي، دوهي ۽ بيت ۾ هڪجهڙائيون ڏيکاريندي، نتيجي تي پهتو آهي ته سنڌ جو اوائلي شعر ڇند وديا موجب رچيل آهي. جڏهن ته سنڌيءَ ۾ شعر عروضي اُصولن مطابق پڻ چيو ويو آهي، ۽ اهو سبب آهي جو ٻن کان وڌيڪ مصراعن لاءِ به بيت لفظ ڪتب آندو وڃي ٿو. شاهه جي بيتن جي نسبت مُحقق جو رايو آهي ته:
”شاهه جي وقت ۾ بيت لفظ ڏوهيڙي کان وڌيڪ عام هو ۽ هن ان ڪري ان جو استمعال ڪيو هجي، يا خود شاهه صاحب لوڪ گيتن جي فرق رکڻ لاءِ، تحريري شعر لاءِ ’بيت‘ لفظ ڪم آندو هجي. ڪيئن به هجي، پر اها ڳالهه ظاهر آهي ته شاهه جو سارو ڪلام دوهي جي طرز پٽاندڙ آهي ۽ اُن ۾ عروضي رنگ نظر نه ٿو اچي.“ (3)
سيد ثابت علي شاهه، بابت ڊاڪٽر شاد، پهرين باب جي پڇاڙيءَ ۾ سنڌ جي عالم لطف الله بدويءَ جو ڌيان ڇڪائيندي لکيو آهي ته:
”سيد ثابت علي شاهه سنڌ جو اُهو پهريون شاعر آهي، جنهن موزون شاعريءَ جو بنياد سنڌ ۾ وڌو. جيڪڏهن ثابت علي شاهه کان اڳ ڪن شاعرن جو شعر اسان کي موزون ملي ٿو، ته اهو تمام ٿورو آهي، جنهن کي سندن وقتي ڪوشش چئجي ته به بجا آهي...
برعڪس ان جي سيد ثابت علي شاهه جو سمورو ڪلام علم عروض جي حد اندر آهي ۽ ايراني شاعريءَ جا سڀئي قسم غزل جي طرز تي سلام قصائد، مربع، مخمس، مسدس، مثنوي، فرد وغيره ملن ٿا، جن کي ڏسي اها دعوا پيش ڪري سگهجي ٿي ته هو سنڌي شاعريءَ ۾ انقلاب پيدا ڪندڙ ۽ موزون شاعريءَ جو موجد آهي.“ (4)
فصل جي پڇاڙيءَ ۾ ڊاڪٽر ارجن شاد نموني طور سيد ثابت علي شاهه جا ڪجهه خاص بيت ڏنا آهن.
فصل ٻيو: عروض جي ايجاد، بحر ۽ صنفون: هن باب ۾ ارجن شاد لکيو آهي ته علم عروض جو بنياد وجهندڙ برک عالم خليل بن احمد بصري سن 100 هجريءَ ۾ ڄائو. هو عربيءَ جو ماهر هو، کيس عربي لغت جو ’امام‘ ڪري سڏيو ويو.
خليل بن احمد عرب جي قديم شعر جو جائزو ورتو ۽ ڏٺائين ته ان کي پندرهن بحرن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، ۽ هن پندرهن بحرن جي ايجاد ڪئي. جيڪي آهن: طويل، مديد، بسيط، ڪامل، وافر، هزج، رجز، رمل، منسرح، مضارع، سريع حفيف، مجتث، مقتضب، تقارب يا متقار. تنهن کانپوء ابوالحس اخفش هڪ بحر متدارڪ ڳولي ڪڍيو، ۽ ٽي ٻيا بحر جديد، قريب ۽ مشاڪل عجم وارن ايجاد ڪيا. ان ريت ڪُل 19 بحر ٿيا.
مُحقق ارجن شاد، مرزا قليچ بيگ جي حوالي سان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ته هنن 19 بحرن مان عربي شاعر، فارسي شاعر ۽ عجم شاعر ڪهڙا بحر ڪم آڻيندا آهن. جڏهن ته مُحقق مٿين بحرن جا وزن پڻ ٻڌايا آهن.
مقالي جي موضوع کي ڌيان ۾ رکندي، مُحقق موزون ۽ مقفيا ڪلام جا ڏهه قسم ڏنا آهن، جيڪي آهن: قصيده، غزل، ترڪيب بند، ترحيح بند، مثنوي، قطع رباعي، ۽ فرد. حالانڪ هي باب چئن صفحن ۾ آهي، پر پوءِ به ڊاڪٽر ارجن شاد سونهري گاگر ۾ سمورو ساگر سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن ۾ هو ثابت قدم رهيو آهي.
فصل ٽيون: غزل ۽ اُن جون وصفون: هن باب ۾ غزل جي ٽيڪنڪ، غزل جي قسمن ۽ غزل جي پهلوئن تي چٽي ڍنگ سان ڄاڻ ڏيندي، انگريزي ۽ اردو عالمن جا حوالن سان چڱي چوکي ڇنڊ ڇاڻ ٿيل آهي، ۽ فصل جي پڇاڙيءَ ۾ اهم نتيجا پيش ڪيا آهن.
فصل چوٿون: سنڌي غزل جي ابتدا ۽ ترقي – سچل سرمست جا غزل: هن فصل ۾ غزل جي ابتدا ۽ ترقي تي مثالن سان حوالا پيش ڪندي مُحقق عالمن جي حوالن ۽ مثالن سان ڇنڊ ڇاڻ ڪندي ڄاڻيون آهي. سچل سرمست جي ڪلام ۾ غزل جي فن جا چڱي انداز ۾ اُهڃاڻ ملن ٿا.
سچل سرمست 1783 ۾ ڄائو ۽ 1826 ۾ وفات ڪيائين. اُن وقت ڪلهوڙن جو دور 1700ع کان 1790ع تائين ۽ ميرن جي صاحبي 1883ع کان 1843ع يعني سچل ٻنهي دورن مان گذريو، جنهن ڪري ان جي ڪلام ۾ غزل جي فن جا اُهڃاڻ ملن ٿا. ڪلهوڙن جي دور ۾ عروضي شاعريءَ جا اُهڃاڻ ملن ٿا. جڏهن ته ڊاڪٽر ارجن شاد ٻين عالمن جي حوالن ۽ مثالن سان ثابت ڪندي، اهم جاچنائون ڏنيون آهن ته سچل سنڌي شاعريءَ سان روشناس ڪرايو.
فصل پنجون: خليفو گُل: سچل سرمست، جنهن سنڌي شاعريءَ جي صنف سان روشناس ڪرايو، خليفي گل محمد گُل (1808ع کان 1855ع) ان صنف کي وسيع پيماني تي استعمال ڪندي، غزل فني پابندين ۽ موضوع جي نوعيت سان گڏ ان جو هڪ اهڙو نمونو پيش ڪيو، جنهن جي رونق علحدي هئي، جنهن فارسي بحر وزن تي آئيويٽا الف- ب وار ديوان لکندي غزل جو سنڌي شاعريءَ ۾ بنياد وڌو. ڊاڪٽر شاد، گل محمد گُل جي لکيل ديوان بنسبت لکيو آهي ته:
”خليفي گل محمد گُل جي اها ڪوشش هئي ته غزل جي هيئت کي اپنائيندي، ان جي فارسي طرز – ادا، تشبيهن ۽ استعارن تمثيلن ۽ تلميحن وغيره کي ڇڏي، سنڌي ٻوليءَ جي خيال جو نوع اختيار ڪجي، جنهن ڪوشش ۾ ”خليفو گل محمد گُل“ ڪامياب ويو، در حقيقت سندس ديوان سنڌيءَ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو.“ (5)
غزل جي صنف ۾ سنڌيءَ ۾ باقاعدي تجربو پهرين گُل ئي ڪيو. ڊاڪٽر ارجن شاد، شاعرخليفي گل محمد گُل جي غزل جا مثال ڏيندي ثابت ڪيو آهي ته، شاعر گُل فن ۽ ٽيڪنيڪ تي پڻ هن توجهه ڏنو. هُن، شاعر گل جي غزل جا ٻيا پڻ مثال پيش ڪندي، ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته شاعرگُل جيڪي قافيا غزل ۾ ڪتب آندا، سي سنڌيءَ ۾ چڱي طرح جذب ٿي ويا آهن.
مثال.... شراب، ڪباب، ثواب، عذاب.
دلدار، يار، وفا، جفا.
سلام، مدام ۽ ڪلام.
خدا ۽ دعا.
ياد، شاد، داد، برباد ۽ آزاد (6)
محقق ٻيا پڻ ڪيترائي مثال پيش ڪيا آهن، جيڪي قافيا سنڌيءَ ۾ ڪونه ڦٻي سگهيا سي هي آهن: نيش، ريش ۽ ڪيش. شهود، نمود، بود، هنود ۽ سجود... (7)
شاعر گُل جي غزل ۾ جيڪي قافيا رديف استمعال ڪيا، تنهن جو ارجن شاد چڱو چوکو مطالعو ڪيل ٿو ڏسجي. جڏهن ته آخوند قاسم، حافظ حامد ٽکڙ، شمس الدين، سيد فاضل شاهه، سانگي، بيوس ۽ ٻين پڻ ڪيترن شاعرن جي غزل جا چند مثال ڏيندي ماترائن تي پڻ مثال پيش ڪندي، غزل تي تمام مختصر کوجنا ڪندي، ثابتين ۽ حوالن سان جاچنائون درج ڪندي، ڪامياب قدم رهيو آهي. مقالي جي پڇاڙيءَ ۾ گل محمد گُل کان پوءِ جي غزل گو شاعرن ۾ خاص طور شيخ اياز کي شامل ڪيو آهي.
ڊاڪٽر ارجن شاد، شيخ اياز جي غزل جو چڱو اونهو اڀياس ڪيو آهي، جيڪو هن باب ۾ نمايان ٿي بيٺل آهي. جڏهن ته هي مقالو قلم بند پڻ شيخ اياز جي غزل جي مثال سان ڪيو اٿائين.
”سنڌڙيءَ کي سيباء.“ ’اياز‘
”پنهنجو گيڙو ويس غزل.“ (8)
ڊاڪٽر ارجن شاد ڪيترين ئي تعليمي ڪاميٽين جو چئرمئن ۽ ميمبر ٿي رهيو، جڏهن ته ادبي اڪيڊميءَ جي صلاحڪار بورڊ جو ميمبر، ڀارت سرڪار جي سنڌي صلاحڪار بورڊ جو ميمبر رهندي، فلم سينسر بورڊ جو ميمبر رهندي، هر ڪاريه (ڪم) کي سرانجام ڏنو، جڏهن ته هي شاعريءَ جي کيتر جي وڪاس لاءِ پاڻ موکيندو رهيو.
ورهاڱي کان اڳ هن ”بيوس ۽ نئون دور“ جي عنوان سان ڪتاب لکيو. ورهاڱي کانپوءِ سندس شاعريءَ جا ڇهه ڪتاب ڇپيل آهن، جيڪي آهن:
’آءٌ گهٽين جو ڳائيندڙ‘ (1957ع)، ’ڏاهيون ڏُک ڏسن‘ (1962ع)، ’تپسيا جون روشنيون‘ (1974ع)، ’ انڌو دونهون‘ (1982ع)، ’ڌرتيءَ جو درد‘ (1997ع)، ’ادبي خوشبو‘ (2001ع) ’تنقيدي ليک‘ تنهن کان سواءِ هن روسي جي شاعريءَ جو مجموعو ’وولگا جي ڪناري‘ 1967ع ۾ ’آنءُ ڳلين جو ڳائيندڙ‘ عنوان سان ترجمو ڪيو. جنهن ڪتاب تي کيس سوويت لينڊ، ”لينن“ انعام عطا ٿيو ۽ گڏوگڏ پندرهن ڏينهن لاءِ کيس روس جو سير ڪرڻ جو موقعو مليو. ٻين پڻ ڪيترن ئي سرڪاري ادارن، چاهي غير سرڪاري سنسٿائن طرفان کيس انعامن سان نوازيو ويو.
ڊاڪٽر ارجن شاد جي شاعريءَ جي مجموعي”انڌو دونهون“ تي کيس ساهتيه اڪيڊميءَ جي اوارڊ سان نوازيو ويو. ارجن شاد علم عروض جو ماهر هو، جنهن ڪري رديف ۽ قافيي سان بهترين نموني نباهيو اٿائين. جڏهن ته سندس شاعري بحر وزن جي خيال کان پڪي پختي آهي. ان کان سواءِ پنهنجي مجموعي”انڌو دونهون“۾ ورهاڱي جي ڏکويل ورقن کي ياد ڪندي درد ڀريا احساس چٽيا اٿائين. ڏسو سندس شاعريءَ ۾ جن دردن جو احساس پاٺڪ (پڙهندڙ) به محسوس ڪندا. ورهاڱي جي تصوير جا دل ڏاريندڙ ڀاوَ قلمبند ڪندي، هڪ نظم ۾ سنڌ کان وڇوڙي جي پيڙا جا چِٽ تازا ڪندي چوي ٿو:
نه زمين تي پُختو آهيان،
نه هوا ۾ لٽڪيل،
آهيان الائي آهيان ئي ڪونه،
منهنجو وجود ڇاهي!
نه تصوف نه ويدانت،
ڪوئي ساٿ نه ٿو ڏئي،
تاريخ ته ڄڻ،
پنجن هزارن سالن جي تبديلين جو،
وڏي ۾ وڏو بک،
مون کي بڻايو آهي.
وقت جي گردش سان
اتهاس جي راڪيٽ مان ڇوڙجي،
اچي پيو آهيان الڳ الڳ ٻيٽن تي. (9)
هن مجموعي ۾ شاعر نيون علامتون ۽ استعارا پڻ ڪتب آندا آهن. ساڳئي وقت شاعر، شاعريءَ ۾ پنهنجي مقدر جي ريکائن کي غريب ڪونه ٿو مڃي:
دل ۾ آ منهنجي ’شاد‘حسين صورتن جو گهر،
مان ڪيئن چوان، منهنجو مقدر غريب آ. (10)
شاعر ارجن ’شاد‘ کي ٻين سنڌين جيان، (جيڪي پنهنجي زمين کان اُکوڙيل ٻوٽا هئا) سدائين پنهنجي وطن جي وڻ جي ڇِڪ ۽ سِڪ تڙپائيندي رهي. ورهاڱي جو دل ڏاڙئيندڙ درد، سنڌ امڙ کان وڇڙڻ جا ڏُک، پيڙا جا ڏکوئيندڙ عڪس شاعر جي ڪيترن ئي غزلن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن.
ان جو مثال ڊاڪٽر ارجن شاد جي هن ڪتاب ”تپسيا جون روشنيون“ ۾ ڏسي سگهجي ٿو. سندس هي غزل ڪيترو ڏک ۽ پيڙا جو احساس ڪرائيندڙ آهي:
سرحد جي پار منهنجي نظر کي اڏڻ ڏيو،
اصلي وطن جي ڀي ته زمين کي ڏسڻ ڏيو.
هن رُوح جي ڪڙيءَ کي نه ورثي کان ڪاٽجو،
ڦٿڪي رهي قوم اُنهيءَ کي جيئڻ ڏيو.
هستيءَ جي گُم ٿيڻ جو نه پيدا گمان ٿئي،
منهنجي ڪنن ۾ شاهه جي ٻولي ٻُرڻ ڏيو.
سنڌوءَ جي ڌار، ڌار رهي ڪانه ٿي سگهي،
ساري نديءَ جي آب کي جهر جهر وَهڻ ڏيو.
هڪڙي بهار، هڪڙي خزان غم خوشي به هڪ،
هڪڙي ئي زندگيءَ کي نه ٽڪرا ٿيڻ ڏيو.
احسان قديم شمع جا ساقيءَ جي حُسن تي،
محفل ۾ پورو ذڪر اسان جو ٿيڻ ڏيو. (11)
زندگي سچ پچ ته بي بقا آهي. اڄ آهيون، سڀاڻي هونداسين يا نه، ڪو پتو نه آهي. بس ائين سڀ هليا وينداسين. اهڙي بي بقا زندگيءَ جا احساس ڪرائيندڙ ڏسو سندس هي ٻيو غزل جو مثال:
آءُ ڍوليا ته ڪريون پيار هليا وينداسين،
ڪيسين هئن رهبو ڀلا ڌار هليا وينداسين.
ڪجهه خطا منهنجي ته ڪجهه تنهنجي به هوندي ڍوليا!
ٿيندا پورا نه هي تڪرار هليا وينداسين.
بس فقط پنهنجو جيئڻ آهه يا ٻئي جو به خيال،
ڪو ٻين جو به ويچار، هليا وينداسين.
هو حسين چهرا ۽ هي دل ۽ هي اُلفت جو اثر،
ڇا ڇڏي هي سُهڻو سنسار هليا وينداسين.
موت آهي ته جيئڻ ٿئي ٿو زيادهه ظاهر،
'شاد ‘ جيون جي ڪريون سار، هليا وينداسين. (12)
شاعر ارجن شاد جي ڪتاب ”تپسيا جون روشنيون“ تي ڊاڪٽر ستيش روهڙا ’ڪوتا کان ڪوتا تائين‘ ڪتاب ۾ سنڌي ڪوتا جي وهنوارڪ تنقيد ڪندي شروعات ۾ ئي لکي ٿو ته:
”عام طرح سنڌي ڪتاب سادي پني، ردي ۽ چُڪن ڀري ڇپائي، اڻ وڻندڙ اشتهارن ۽ بدزيبي بيهڪ سبب دل ڪچي ڪندڙ هوندا آهن......ان برعڪس هيءُ ڪتاب ٻين عام سنڌي ڪتابن کان ائين الڳ ٿي ٿو بيهي، جيئن ڪانوينٽ ۾ پڙهندڙ ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن کان جدا ٿي بيهندو آهي.“ (13)
آءٌ ڊاڪٽر ستيش روهڙا جي ڳالهه سان بلڪل سهمت آهيان. اهو به سچ آهي ته هندستان ۾ خاص اسان جي نوجوان پيڙهيءَ جا ليکڪ غلطين کي نظر انداز ڪن ٿا. حالانڪ پاٺڪن کي پڙهڻ ۾ هي ننڍي ڳالهه لڳندي، حقيقت ۾ چُڪن (غلطين) سان ڀريل ڪو به ليک فائدو گهٽ، پر پاٺڪن (پڙهندڙن) جي ذهن تي هڪ قسم جو وڏو مونجهارو پيدا ڪري ٿو ڇڏي. جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي: ”اٽو، چئي گهوٻاٽو!“ ڊاڪٽر شاد، شاهه لطيف کانپوءِ سنڌ- هند جو وڏي ۾ وڏو شاعر شيخ اياز کي ڪوٺيو آهي. جنهن جا چٽا عڪس سندس ٿيسز ۾ ته ٽڙيل پکڙيل ملندا، پر سندس ڪتابن ۾ به جت ڪٿ اُڀريل نظر ايندا.
سندس آخري تنقيدي ڪتاب ”ادبي خوشبوُ“ جنهن ۾ ڊاڪٽر شاد، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي تيار ڪيل شاهه جي رسالي جي اهميت سمجهائيندي، شاهه جي شعر ۾ تصوير ڪشي ۽ تمثيل بيان ڪندي، شاهه جي شعر ۾ ريتون رسمون، مجاز ۽ رُوحانيت پيش ڪندي شيخ اياز تي خاص باب جوڙيو آهي، جنهن ۾ مُحقق شيخ اياز جي شاعريءَ جا مثال ڏيندي، محقق جو ڪيل اونهو اڀياس اُڀري بيٺو آهي. شاد ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته عظيم شاعر شاهه لطيف کانپوءِ شيخ اياز ئي ان سطح جو شاعر آهي، ان حوالي سان ”ادبي خوشبوءِ“ ڪتاب ۾ اجهو هيئن ٿو بيان ڪري ته:
”شيخ اياز سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي ئي شاعريءَ کي جنم ڏنو آهي. جنهن جي يگانيت شاهه لطيف کانپوءِ يعني اٺ سئو سالن بعد ئي اُجاگر ٿي آهي. شاهه صاحب، تصوف جي پس منظر سان، انساني قدرن جي حمايت ڪندي، شعرجي هڪ اهڙي طرز ادا خلقي، جنهن جھڙو مثال سنڌ کي بيهر نصيب نه ٿيو آهي. شاهه لطيف کانپوءِ انيڪ شاعرن جدا جدا نمونن ۾ پنهنجي شعر ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي قوتن کي واضح ڪيو آهي، پر جنهن شاعر، پنهنجي تخيل جي طاقت سان خود ٻوليءَ ۾ جدت جو نئون رنگ پيدا ڪيو آهي، سو آهي شيخ اياز. جھڙي طرح شاهه صاحب جي طرز ۾ ٻيو ڪوئي شاعر شعر نه چئي سگهيو آهي، اهڙيءَ طرح اياز جي ڍنگ ۾ ٻيو ڪوئي شاعر شعر نه جوڙي سگهندو، ڇو جو اياز جڏهن شعر لکي ٿو، تڏهن هو ڪنهن فارم يا هيئت جي پيروي ڪرڻ لاءِ ان کي قلمبند نه ٿو ڪري، پر اهو سندس شخصيت ۽ جذبات سان هم آغوش آهي. ۽ اُها هم - آغوشيءَ واري ڪيفيت هن جي شعر کي جنم ڏئي ٿي.(14)
ڊاڪٽر ارجن شاد لوڪ ناٽڪ تي پڻ قلم آزمائي ڪئي، سندس بهترين لوڪ ناٽڪ شاهه لطيف جي سُورمي ليلا چنيسر "ڏاهيون ڏُک ڏِسن" جي عنوان سان نرتيه ناٽڪ جي رُوپ ۾ پيش ڪيو آهي.
سندس ڪتاب "ڏاهيون ڏُک ڏِسن" (1960ع) جي مهاڳ ۾ هري دلگير لکي ٿو:
”شاد جي هن نرتيه ناٽڪ جي ننڍڙي ڪتاب سان سنڌي ساهتيه هڪ نئون موڙ ڏي قدم کڻي رهيو آهي. هن قسم جي رچنا کي اسٽيج تان نرتيه ناٽڪ جي رُوپ ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، ۽ ڪوتا کي پس منظر ۾ ڳاتو ويندو آهي.....رواني، رس ۽ سلاست جي خاطر ڪويءَ بيحد سرل ۽ سريلي ٻولي ڪتب آندي آهي. ان سان گڏ رسيلي تز قافيه بنديءَ جو فن پڻ ڪم آندو آهي..... شاعريءَ جي فن سان گڏ ناٽڪي فن کي به ڪاريگريءَ سان نباهيو آهي. (15)
ارجن شاد جي ناٽڪن بابت ڊاڪٽر پريم پرڪاش پنهنجي ٿيسز ۾ لکي ٿو ته:
” سنڌيءَ جو پهريون ڪوتا ۾ نرتيه ناٽڪ آهي ۽ ريڊيو ساهت جي سلسلي ۾ ’ڪلا وهار‘ وارن آڪاشواڻي، بمبئي پاران جئه هند ڪاليج ۾ پيش ڪيو.“ (16)
ڊاڪٽر ارجن شاد آل انڊيا ريڊيو ۽ ممبئي دُور درشن تان ليکڪ ۽ اداڪار جي حيثيت ۾ ڪيترائي ڀيرا شرڪت ڪئي.
سنڌي ادب جي هن گهڻ رخي شخصيت 3 نومبر 2006 تي هي سنساري سفر ڇڏيو. حالانڪ هو اڄ اسان جي وچ ۾ نه آهي، پر سنڌي غزل جي رُوح ۾ سدائين حيات آهي، جنهن کي سنڌي قوم ڪڏهن به وساري ڪونه سگهندي.
حوالا

1. شاد، ارجن، ڊاڪٽر ”سنڌي غزل“- پبلشر ارجن شاد، مهاراشٽرا راجيه سنڌي اڪادميء (ممبئي) جي مالي مدد سان ڇپايل، سال 1990ع ص 4
2. ساڳيو صفحو – 3
3. ساڳيو صفحو – 14
4. بدوي ،لطف الله : تذڪره لطيفي جلد 2 1955,صفحو 249 ۽ 250
5. شاد، ارجن، ڊاڪٽر ”سنڌي غزل“ 1990 صفحو - 26
6. شاد، ارجن، ڊاڪٽر ”سنڌي غزل“ - پبلشر ارجن شاد، مهاراشٽرا راجيه سنڌي اڪادميءَ (ممبئي) جي مالي مدد سان ڇپايل - سال 1990ع ص 4
7. ساڳيو 79
8. ساڳيو 79
9. ساڳيو صفحو 136
10. شاد، ارجن، ڊاڪٽر، ” انڌو دونهون“ - پبلشر ليکڪ پاڻ سال – 1982
11. ساڳيو
12. شاد، ارجن، ڊاڪٽر،”تپسيا جون روشنيون“ - ارجن شاد – 1974 صفحو 60
13. ساڳيو
14. روهڙا، ستيش، ڊاڪٽر، ”ڪوتا کان ڪوتا تائين“ - پبلشر ڀاشا پرڪاشن - سال 2000- صفحو 18,19
15. شاد، ارجن، ڊاڪٽر، ”ادبي خوشبو“، ڊاڪٽر ارجن شاد - پبلشر ارجن شاد -صفحو54- سال 2001
16. شاد، ارجن، ڊاڪٽر، ”ڏاهيون ڏک ڏسن“ - مهاڳ هري دلگير - 6 سال – 1960
17. پريم، پرڪاش، ڊاڪٽر ”سنڌي ناٽڪ جي اوسر“-انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي-سال 1993 - صفحو 311
1002 ڀيرا پڙهيو ويو